December 7, 2021

انضمام الحق ٽيڪنڪ جي لحاظ سان بابر کي ڪوهلي کان بهتر قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق چيو آهي ته بابر اعظم جي ٽيڪنڪ ويرات ڪوهلي کان بهتر لڳندي آهي، رنسون ٺاهڻ جي بُک جيڪا بابر ۾ نظر اچي ٿي، اها ڪنهن ٻئي بيٽر ۾ ناهي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي انضمام الحق چيو ته بابر اعظم ۽ ويرات ڪوهلي ٻئي عظيم بيٽسمين آهن پر جيئن بابر بيٽنگ ڪري رهيو آهي، مون کي لڳي ٿو ته هو سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو.

هن چيو ته ڪوهلي پنهنجي لاءِ وڏي پرفارمنس ڏني آهي پر بابر جيتري ڪرڪيٽ کيڏي آهي، ان حساب سان هن جو رڪارڊ ڪوهلي کان بهتر آهي، بابر کي اڃا ڪيريئر ۾ پنهنجي اوچائيءَ تي پهچڻو آهي، بابر جي بهترين راند اڃا سامهون اچڻ باقي آهي.

سندس چوڻ هو ته ويرات ڪوهلي ۾ جارح مزاجي تمام گهڻي آهي پر جيڪڏهن ٽيڪنڪ جي ڀيٽ ڪجي ته بابر جي ٽيڪنڪ ڪوهلي کان بهتر لڳندي آهي.

انضمام الحق موجب پاڪ – ڀارت ميچ ۾ ڪوهلي تي وڌيڪ دٻاءُ هوندو، بابر تي به دٻاءُ هوندو، ڪوهلي تي واڌو پريشر ان ڪري آهي ته ڪپتان طور هيءَ سندس آخري ٽورنامينٽ آهي.