December 7, 2021

ايم ايس ڌوني ۽ شاهنواز ڏاهاڻي ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهيندرا سنگهه ڌوني ۽ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

شاهنواز ڏاهاڻي اسٽيڊيم ۾ ايم ايس ڌوني کي چيو توهان ته وڌيڪ فٽ ٿيندا پيا وڃو، جنهن تي ڌوني جواب ڏنو هاڻ ته عمر وڌندي پئي وڃي.

ڌوني جي جواب تي ڏاهاڻي چيو ته نه توهان اڳ کان به فٽ آهيو.

اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر وچ ۾ اها ڳالهه ٻولهه ڀارتي ٽيم جي ٽريننگ سيشن جي پڄاڻي تي ٿي، ان دوران ايم ايس ڌوني رانديگرن سان گڏ بس ڏانهن وڃي رهيو هو.

واضح رهي ته ايم ايس ڌوني مينٽور جي حيثيت سان ڀارتي ٽيم سان گڏ آهي.