August 9, 2022

وزيراعظم عمران خان ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو.

عمران خان ٽن ڏينهن جي دوري دوران سعودي قيادت سان ملاقاتون ڪندو، گڏوگڏ رياض ۾ مڊل ايسٽ گرين اينشيئيٽو سربراهه اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو.

وزيراعظم دوري دوران سعودي قيادت سان ٻه طرفي ڳالهه ٻولهه ۽ معاشي توڙي واپاري لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

عمران خان سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ بابت تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سيڙپڪارن ۽ واپارين سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube