January 18, 2022

ڀارتي گهرو وزير جو دورو، ڪشمير فوجي ڇانوڻي بڻجي ويو

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه جي ٽن ڏينهن جي دوري تي وادي کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

وادي ۾ وڏي انگ ۾ قابض ڀارتي فوج جي واڌو نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

سري نگر جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ رڪاوٽون تعمير ڪيون ويون آهن جڏهن ته مختلف عمارتن تي نشاني جا ماهر اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن.

اهڙي ريت ماڻهن جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ ڊرون ڪيميرائون استعمال ڪيون پيون وڃن.

Follow by Email
YouTube
YouTube