ڄام ڪمال پنهنجي استعيفيٰ بابت خبرون رد ڪري ڇڏيون
1 min read
ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال پنهنجي استعيفيٰ بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڄام ڪمال چيو ته مان استعيفيٰ ناهي ڏني ۽ اهڙا افواهه نه پکيڙيا وڃن.
I have not resigned and such rumors may not spread.
— Jam Kamal Khan (@jam_kamal) October 23, 2021
هوڏانهن بلوچستان جي گورنر به چيو آهي ته کيس اڃا تائين وڏي وزير جي استعيفيٰ ناهي ملي.
ان کان اڳ خبرون آيون هيون ته بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال گورنر سيد آغا ظهور کي پنهنجي استعيفيٰ موڪلي ڇڏي آهي.
واضح رهي ته ڄام ڪمال خلاف بلوچستان اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ سومر 25 آڪٽوبر تي ٿيندي.