August 9, 2022

ڪالعدم ٽي ايل پي جو مارچ لاهور مان نڪري ويو، احتجاجين کي روڪڻ لاءِ کڏ کوٽي وئي

1 min read

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور مان اسلام آباد ڏانهن وڌندڙ ڪالعدم تنظيم جو جلوس ساڌوڪي پهچي ويو، جڏهن ته مارچ کي روڪڻ لاءِ جي ٽي روڊ تي گوجرانوالا ڀرسان کڏ کوٽي وئي آهي.

ڪالعدم تنظيم جي جلوس کي ڏسندي گوجرانوالا ۾ اچ وڃ لاءِ رستا بند ڪيا ويا آهن، جي ٽي روڊ تي ڪرين جي مدد سان گهري ۽ ڊگهي کڏ کوٽي وئي آهي، جڏهن ته هوڏانهن ڪنٽينر رکي روڊ بند ڪيو ويو آهي، گوجرانوالا اچڻ وڃڻ جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.

ٻئي پاسي لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته شهر جا سمورا روڊ ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا آهن ۽ ميٽرو بس سروس گجو مٽه کان ميو ڪاليج تائين جزوي طور بحال ڪئي وئي آهي.

هن ٻڌايو ته شهر جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ مختلف علائقن جو دورو ڪيو، انهن علائقن مان رنڊڪون هٽائي ٽرانسپورٽ، اسپيڊو بس، ميٽرو، اورنج لائن ۽ ايمبولينس جهڙين سهولتن جي بحالي کي فوري طور يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube