January 20, 2022

ايم ڪيو ايم حڪومت سان گڏ هلڻ لاءِ پنهنجا مطالبا رکي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته مهانگائي گهڻي ٿي وئي آهي، بدانتظامي به مهانگائي جو سبب آهي، وزيراعظم غريبن لاءِ ڪجهه ڪري.

پنهنجي بيان ۾ خالد مقبول صديقي چيو ته اسان حڪومت سان اتحاد جمهوريت کي بچائڻ لاءِ ڪيو، جيڪڏهن اسان جي بنا جمهوريت بچي سگهي ٿي ته اسان ڌار ٿي سگهون ٿا.

هن چيو ته حڪومت ۽ فوج کي ئي نه سڄي قوم کي هڪ پيج تي هجڻ گهرجي، جيڪڏهن قوم کي ضرورت هجي ته وقت کان اڳ چونڊون ٿيڻ گهرجن، حڪومت ۾ ۽ ٻاهر رهي مسئلا حل ڪرڻ جا ٻئي آپشن موجود آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube