January 18, 2022

بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي ڀارت خلاف رڪارڊ پارٽنرشپ

1 min read

دبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان طرفان بهترين اوپننگ ڀائيواري قائم ڪري ڇڏي.

پاڪستان جي اوپننگ جوڙي ڀارت خلاف 100 کان رنسون ٺاهي ورتيون ۽ اها ٽي ٽوئنٽي ۾ گرين شرٽس جي بهترين اوپننگ ڀائيواري آهي.

پاڪستان طرفان محمد رضوان ۽ بابر اعظم ففٽيون پڻ اسڪور ڪري ورتيون، ٻنهي بيٽسمينن اوپننگ سان گڏوگڏ ڪنهن به پوزيشن تي ڀارت خلاف بهترين ڀائيواري پڻ جوڙي ورتي آهي.

پاڪستان طرفان ڀارت خلاف 2012 ۾ محمد حفيظ ۽ شعيب ملڪ چوٿين وڪيٽ لاءِ 106 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي هئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube