August 9, 2022

دادو ۾ دل ڌوڏيندڙ واقعو، گهوٽ شادي جي رات فوت

دادو(ويب ڊيسڪ) دادو لڳ دل روائاريندڙ واقعو پيش آيو آهي. شادي جي رات تي گهوٽ فوت ٿي ويو.

دادو لڳ سيتا ۾ شادي جي رات گهوٽ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.

گهوٽ طلحيٰ سولنگي جي شادي رٿيل هئي، کيس شام جو موڙ ٻڌي گهوٽ بڻايو ويو ۽ رات جي وقت ۾ دل جو دورو پيو.

نوجوان کي فوري طور اسپتال نيو ويو پر پر هو زندگي جي جنگ هارائي ويٺو.

شادي جي موقعي تي گهوٽ جي فوت ٿيڻ تي نوجوان جي گهر جو خوشيون ۽ ڪاڄ ماتم ۾ مٽجي ويو، علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.

Follow by Email
YouTube
YouTube