January 18, 2022

شازيا مري جو عمران خان کي ڀڄائڻ لاءِ شهباز شريف کان مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ پارليامينٽيرينز جي ترجمان شازيا مري چيو آهي ته عمران خان کي ڀڄائڻ لاءِ ان خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻي پوندي، مخالف ڌر اڳواڻ جلد کان جلد عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ آڻي.

پنهنجي بيان ۾ شازيا مري چيو ته پنجاب ۾ بوزدار خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ فضا سازگار آهي، بوزدار کي ڪڍڻ کانپوءِ عمران خان کي ڪڍڻ آسان هوندو.

هن چيو ته عمران خان کي وڌيڪ اقتدار ۾ رهڻ ڏيڻ عوام سان منافقت هوندي، مهانگائي ۽ معاشي بدحالي عوام کي پامال ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته عام واهپي جون شيون عوام جي خريد جي قوت کان ٻاهر آهن، وچولو طبقو غربت جي ليڪي کان هيٺ اچي ويو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube