مريم نواز، عمران خان جو 7 سال پراڻو بيان ري ٽوئيٽ ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز وزيراعظم عمران خان جو 7 سال پراڻو بيان ري ٽوئيٽ ڪري ڇڏيو.
مريم نواز وزيراعظم جو 7 سال پراڻو بيان ري ٽوئيٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ عمران خان ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.
بيان ۾ عمران خان چيو هو ته هتي تباهي مچيل آهي ۽ نواز شريف عمري تي هليو ويو.
مريم نواز 24 جولاءِ 2014 جو بيان ري ٽوئيٽ ڪندي طنز ڪيو آهي ته تڏهن نه تباهي هئي ۽ نه سرڪاري خرچ تي شادين ۾ شرڪت ٿي رهي هئي.