January 18, 2022

معمر رانا سلمان خان کي پيغام ڏيندي تصوير شيئر ڪري ڇڏي

دبئي (ويب ڊيس)دبئي ۾ ٽي 20 جو ميدان سجي چڪو آهي ۽ روايتي حريفن پاڪستان ۽ ڀارت ۾ مقابلو جاري آهي.

مقابلي کان اڳ ڪرڪيٽ جا شوقين وڏي جوشي ۽ ولولي ۾ آهن پوءِ ڀلي اهي پاڪستان جا هجن يا ڀارت شوبز شخصيتن سميت سڀڪو مقابلي جو انتظار ڪري رهيو آهي.

ناليواري پاڪستاني اداڪار معمر رانا ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت ميچ کان اڳ انسٽاگرام تي باليووڊ اسٽار سلمان خان سان گڏ هڪ يادگار تصوير شيئر ڪئي ۽ ان سان گڏ دبنگ خان جي نالي هڪ پيغام به لکيو.

هن پوسٽ تي ڪيپشن لکيو ته ڀائي، اڄ ٻئي کِلي ٿا وٺون، وري پوءِ انشاءَ الله 25 تي ملي ٿا وٺون.

معمر رانا جي سلمان خان سان اها مداح ڏسي جتي حيران ٿيا آهن اتي شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل ستارن به پنهنجا تبصرا ڪيا آهن ۽ پاڪ ڀارت مقابلي ۾ پاڪستان جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي

Follow by Email
YouTube
YouTube