”ناجائز حڪومت مان ڇوٽڪارو قوم سان همدردي ۽ وقت جي ضرورت آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قوم ۽ ملڪ کي هن حڪومت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ وقت جي ضرورت آهي.
هڪ بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته مهانگائي خلاف پي ڊي ايم جي احتجاج ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪري رهيو آهي، موجوده حڪومت ناجائز، نااهل ۽ ظالماڻي آهي، جيڪا قوم تي مڙهيل آهي.
هن چيو ته قوم ۽ ملڪ کي هن حڪومت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ قوم سان همدردي ۽ وقت جي ضرورت آهي، پي ڊي ايم جلد کان جلد ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ غير جانبدار چونڊون چاهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته جنهن حڪومت کي پاڻ ڌانڌلي جنم ڏنو هجي، ان کي ملڪ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو ڪو حق ناهي ۽ نه ئي ڪو جواز حاصل آهي.