August 13, 2022

ڀارت خلاف ميچ دوران محمد رضوان جي نماز پڙهڻ جي تصوير وائرل

1 min read

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ دوران محمد رضوان جي نماز پڙهڻ جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

دبئي ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ان دوران پاڻي جو وقفو ڪيو ويو، جنهن دوران پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان نماز ادا ڪئي.

پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر جي نماز ادائيگي جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي ۽ واهپيدار محمد رضوان جي ان عمل کي ساراهي رهيا آهن.

واضح رهي ته ميچ دوران محمد رضوان ڀارتي رانديگر سوريا ڪمار جو ڪيچ پڪڙي ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪيچن جي سينچري پڻ مڪمل ڪري ورتي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube