August 9, 2022

آريان خان جي آزادي لاءِ شاهه رخ خان کان 25 ڪروڙ رپين جي گهر؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ)شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان جي ڪيس ۾ هڪ گواهه نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو(اين سي بي) جي زونل ڊاريڪٽر سمير وانکيڊي تي سنگين الزام لڳايو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب آريان ڪيس ۾ هڪ گواهه پرڀاڪر اين سي بي جي آفيسر سمير وانکيڊي تي حلفي الزام هنيو آهي.

گواهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اين سي بي آفيسر آريان خان جي آزادي لاءِ شاهه رخ خان کان 25 ڪروڙ رپين جي رشوت گهري آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب سمير وانکيڊي طرفان اهڙي الزامن کي رد ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن اهڙي واقعي کانپوءِ ممبئي پوليس آفيسر کي خط لکيو آهي جنهن ۾ کانئس وڌيڪ سيڪيورٽي جي گهر ڪئي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube