January 18, 2022

سالگرا ملهائڻ لاءِ ويل ناليواري ڀارتي بلاگر ميڪسيڪو ۾ قتل

سالگرا ملهائڻ جي لاءِ ميڪسيڪو ويل ڀارت ڄائي آمريڪي عورت ٽريول بلاگر منشيات اسمگلرن جي جهيڙي ۾ مارجي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 25 سالن جي ڀارتي ڄائي آمريڪي عورت انجنيئر ۽ ٽريول بلاگر انجلي ريوت پنهنجي سالگرا ملهائڻ لاءِ ميڪسيڪو وئي هئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته ميڪسيڪو جي ٽولم جي ريزورٽ ۾ ٻن منشيات فروش گينز وچ ۾ فائرنگ ٿي پئي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته جهيڙي ۾ ڀارتي بلاگر به مارجي وئي جڏهن ته ان واقعي ۾ هڪ ٻيو جرمن سياح به مارجي ويو.

Follow by Email
YouTube
YouTube