January 20, 2022

سوڊان: سياسي پارٽين جي اتحاد فوجي انقلاب رد ڪري ڇڏيو، احتجاج جو اعلان

خرطوم(ويب ڊيسڪ) سوڊان جي مختلف پارٽين نگران ڪونسل طرفان تختو اونڌو ڪرڻ خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.

خرطوم مان عرب ميڊيا رپورٽ موجب سياسي پارٽين جي اتحاد فوجي انقلاب کي تسليم نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، عرب ميڊيا وڌيڪ ٻڌايو ته سياسي جماعتن جي اتحاد سول نافرماني جي تحريڪ هلائڻ جو به اعلان ڪيو آهي.

هوڏانهن سوڊاني آرمي چيف جولاءِ 2023 ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube