August 9, 2022

طالبان ۽ هٿياربندن ۾ جهڙپون، 17 ماڻهو مارجي ويا

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي هرات ۾ طالبان ۽ هٿياربند ماڻهن ۾ جهڙپن جي نتيجي ۾ 17 ماڻهو مارجي ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب هرات جي اسپتال ۾ 17 ماڻهن جا لاش آندا ويا جن ۾ 7 ٻار، 3 عورتون ۽ 7 مرد شامل هئا. سڀني کي جسم ۾ گوليون لڳل هيون.

افغان اختيارين موجب طالبان هرات ۾ اغوا جي وارداتن ۾ ملوث مقامي ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا مارجي ويا آهن.

تنهن هوندي به هن وقت تائين اهو واضح نه ٿي سگهيو ته مارجي ويل ماڻهن ۾ ڪي ڏوهاري به شامل هئا ان حوالي سان طالبان ڪا به وضاحت نه ڏني.

Follow by Email
YouTube
YouTube