January 20, 2022

عمران خان کي خبر هئي ته کيس ڪا به خبر ناهي: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان  کي اچڻ کان اڳ ئي خبر هئي ته کيس ڪا به خبر ناهي.

سکر ۾پريس ڪانفرنس ڪندي خورشيد شاهه چيو ته ڪوڙ جا ڪي به پير ناهن هوندا، منهنجي خلاف انتقامي ڪيس جوڙيو ويو.

هن دعويٰ سان چيو آهي ته هن حڪومت گهڻا گهوٻاٽا هنيا آهن، هڪ اهو به بلنڊر ته خودڪشي ڪري ڇڏيندس پر آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس اهي هاڻي چون  ٿا ته مهانگائي الله جي طرفان ايندي آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان پاڪستان کي ڪهڙي حالتن ۾ پهچائي ڇڏيو آهي، لوهه ۽ سيمينٽ ايترو ته مهانگو ٿي ويو آهي هاڻي ماڻهو گهر ٺاهڻ جو سوچي به نٿا سگهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube