وزيراعظم خوراڪ جي تحفظ واري خاص مددگار جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان خوراڪ جي تحفظ بابت خاص مددگار جمشيد چيما جي عهدي تان استعيفيٰ منظور ڪري ورتي.
ڪابينا ڊويزن استعيفيٰ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن موجب وزيراعظم جمشيد اقبال چيما جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ اين اي 133 لاهور جي ضمني چونڊن لاءِ جمشيد اقبال چيما کي نامزد ڪيو آهي جنهن جي ڪري هن عهدي تان استعيفيٰ ڏني.