January 18, 2022

ٽن سالن ۾ ملڪ ڪيترائي ڏهاڪا پوئتي ويو: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ پاڪستان ڪيترائي ڏهاڪا پوئتي هليو ويو آهي.

لاهور مان جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪمرانن جون پاليسيون تباهه ڪندڙ آهن، رڳو ٽن سالن ۾ پاڪستان ڪيترائي ڏهاڪا پوئتي هليو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته شين جا اگهه غريب ماڻهن جي پهچ کان چڙهي ويا آهن، ملڪ تي آءِ ايم ايف جي حڪومت قائم ٿي وئي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube