January 18, 2022

”ٽيم ۽ قوم کي ڪاميابي جون مبارڪون، اسان اٿندا آهيون ته چمڪندا آهيون“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شرميلا فاروقي پاڪستان جي تاريخي فتح تي ٽيم ۽ قوم کي مبارڪون پيش ڪيون.

سوشل ميڊيا تي جاري هڪ بيان ۾ شرميلا فاروقي چيو آهي ته ڪالهه واري تاريخي فتح هڪ مضبوط قوم جي مضبوط تيم دنيا کي هاڪاري پيغام ڏنو آهي.

شرميلا فاروقي پاڪستاني عوام جي تعريف ڪندي چيو آهي ته اسان اٿندا آهيون ته چمڪي پوندا آهيون ۽ فتح پنهنجي نالي ڪندا آهيون، اهڙو آهي پاڪستان ۽ هتان جا ماڻهو.

هن آخر ۾ گرين شرٽس ۽ سڄي قوم کي ڀارت جي ناڪامي تي مبارڪون پيش ڪيون

Follow by Email
YouTube
YouTube