December 7, 2021

پاڪستان جي فتح تي عامر خان ۽ اڪشي ڪمار جي ڳالهه ٻولهه

پاڪستان هٿان ڀارت جي عبرتناڪ شڪست تي پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان باليووڊ جي اداڪار اڪشي ڪمار سان گڏ وڊيو ٺاهي شيئر ڪئي.

عامر خان پنهنجي وڊيو ۾ اڪشي ڪمار کان پڇي ٿو ته مونکي اميد آهي ته توهان ميچ انجوائي ڪئي هوندي، جنهن تي اڪشي ڪمار چيو ته جي مان توهان گهڻو انجوائي ڪيو.

 

اڪشي ڪمار عامر خان سان وڊيو ۾ مسڪرائي رهيو آهي ۽ وڊيو ٺاهڻ تي عامر خان جو شڪريو به ادا ڪيو.

عامر خان وڊيو شيئر ڪندي اڪشي ڪمار کي ٽيگ ڪئي ۽ ايندڙ ايونٽ ۾ پاڪ ڀارت ميچ جي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو جڏهن ته هن هڪ کلڻ وارو ايموجي به ٺاهيو.