January 18, 2022

ديومالائي قصا پراڻا، خوبصورت راڻي محبت ۾ محل ڇڏي ڏنا

ّ

محلن ۾ پلجڻ واري شهزادي عام ڇوڪري بڻجي وئي، جاپاني شهزادي ماڪو محبت خاطر تخت ۽ تاج کي ٺڪرائي ڇڏيو. شاهه رتبي کي الوداع ڪري ڇڏيو ۽ اڳوڻي اڳوڻي ڪلاس فيلو سان شادي ڪري ڇڏي آهي جنهن جو تعلق ڪنهن به شاهي خاندان سان ناهي.

واضح رهي ته جاپاني شاهي خاندا کي ميمبر ۽ امڪاني ولي عهد فومي هيٽو جي صاحبزادي 30 سالا شهزادي ماڪو جي اڄ هڪ عام جاپاني شهري ڪومورو سان شادي ٿي وئي.

جڏهن ته شاهي خاندان، شاهي محل ۽ جاپاني عوام شهزادي جي اهڙي قدم مان خوش ناهن.

ان جو سبب اهو آهي ته شهزادِي جي سَسُ هڪ مالي تڪرار ۾ ملوث ٻڌائي ويندي آهي.

شهزادي جو 30 سالا مڙس نيويارڪ مان قانون جي تعليم حاصل ڪري وطن واپس آيو آهي.

شهزادي شاهي خاندان کان ٻاهر شادي ڪرڻ تي ملندڙ 150 ملين (ساڍا 13 لک آمريڪي ڊالر) جي رقم وٺڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو جنهن جي هوءَ حقدار هئي.

هوءَ ٻئي مهاڀاري جنگ کانپوءِ شاهي خاندان جي پهرين عورت آهي جيڪا عام ماڻهو سان شادي ڪرڻ جي ڪري ملندڙ رقم وصول ناهي ڪري رهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube