January 20, 2022

سنڌ جي تعليمي بورڊن انٽرميڊئيٽ جا نتيجا روڪي ڇڏيا، شاگرد پريشان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان سرڪاري ڪاليجن جي شاگردن جي فيسن جي عدم ادائيگي تي سنڌ ايجوڪيشن بورڊز جي ملازمن انٽرميڊئيٽ امتحانن جا نتيجا روڪي ڇڏيا.

سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ داخلائون شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته سنڌ ايجوڪيشن بورڊز جي ملازمن طرفان نتيجا روڪڻ سبب انٽڙ جي هزارين شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳڻ جو خدشو آهي.

سنڌ حڪومت طرفان 2017 کان سرڪاري ڪاليجن جي شاگردن جي فيسن جي عدم ادائيگي سبب سنڌ جا تعليمي بورڊز مالي بحران جو شڪار آهن، جنهن سبب ايجوڪيشن بورڊز جي ملازمن جي جاري احتجاجي تحريڪ زور پڪڙي وئي آهي.

صوبي جي پنجن تعليمي بورڊن جي ملازمن ڪم ڇڏ هـڙتال سان گڏ رهتن جي ادائيگي تائين انٽرميڊئيٽ امتحانن جا نتيجا روڪڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سکر تعليمي بورڊ جي چيئرمين رفيق پلهه چيو آهي ته سکر بورڊ جون 2017 کان سنڌ حڪومت تي تقريبن 90 ڪروڙن جون رهتون آهن.

سينيئر وائيس چيئرمين حيدرآباد بورڊ انوار احمد خان موجب بورڊ مالي بحران جو شڪار آهن، ٽيچرز اسسمنٽ ڪرڻ بند ڪري ڇڏي آهي، ڇو ته اسان وٽ پئسا ناهن ۽ حڪومت پئسا نه ڏيندي ته اسان رزلٽ نٿا ڪڍي سگهون، تنهن ڪري رزلٽ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.

سينيئر وائيس پريزيڊنٽ ايس اي بي سي سنڌ غلام پيرزادا مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته ميرپورخاص بورڊ ۽ حيدرآباد بورڊ فاقا ڪشي تي پهچي چڪو آهي، ماڻهن کي پگهارن جي ڳڻتي آهي.

هوڏانهن شاگردن به ان معاملي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهي پريشان آهن، ڇو ته يونيورسٽيون انٽر جي رزلٽ تي ايڊميشن ڏينديون ۽ رزلٽ نه اچڻ تي ايڊميشن نه پئي ڏني وڃي.

Follow by Email
YouTube
YouTube