January 18, 2022

عوام لاءِ هڪ ٻي بُري خبر، ٽرينن جي ڀاڙن ۾ به واڌ ٿي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مهانگائي سٽيل عوام لاءِ هڪ ٻي بُري خبر سامهون اچي وئي ۽ پاڪستان ريلوي به ڀاڙن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ريلوي ترجمان موجب مال بردار ٽرينن جي ڀاڙي ۾ 5 سيڪڙو، جڏهن ته مسافر ٽرينن جي ڀاڙي ۾ 10 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀاڙن ۾ واڌ لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي هئي، جنهن 15 سيڪڙو ڪرايو وڌائڻ جي تجويز ڏني هئي.

ترجمان موجب ريلوي واري وزارت مسافرن تي گهٽ بار رکڻ لاءِ ڪراين ۾ گهٽ واڌ ڪئي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube