August 9, 2022

فرانسيسي سفير کي ڪڍڻ سان وڏا مسئلا پيدا ٿيندا: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ سان ٿيل سڀني ڳالهين تي رضامندي آهي پر فرانسيسي سفير جي واپسي ۽ سفارتخانو بند ڪرڻ جا مطالبا مڃڻ ڏکيو آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڪالعدم تحريڪ لبيڪ جو فرانسيسي سفير کي پاڪستان مان ڪڍڻ جو مطالبو نٿو مڃي سگهجي، جيڪڏهن فرانسيسي سفير کي ڪڍيوسين ته پاڪستان وڏن مسئلن کي منهن ڏيندو.

هن چيو ته ڪالعدم تنظيم سان ٻئي ڪنهن مطالبي تي خدشا ناهن، ٽي ايل پي جو وڏو مطالبو فرانسيسي سفير جي واپسي آهي، جيڪو مڃڻ ڏکيو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube