August 9, 2022

مرتضيٰ وهاب جو مافياز طرفان ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته نسلا ٽاور ڪيرائڻ جو فيصلو عدالت جو آهي، سنڌ حڪومت ان سان اتفاق نٿي ڪري.

صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو اهو تاثر آهي ته سمورا اختيار سنڌ حڪومت وٽ آهن پر ائين ناهي، مان ماضي ۾ ڪي ايم سي خلاف غلط ڪم ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪيان يا ڪم ڪيان؟

هن چيو ته عدالت ٻين ادارن جي عمارتن بابت به فيصلو ڏنو هو، ان فيصلي تي عمل ڇو نٿو ٿئي عدالت کان پڇو، مان ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندس، ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو، ڪم ڪري ان اداري کي پنهنجي پيرن تي بيهاريندس.

سندس چوڻ هو ڪارروائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماڻهو عدالت مان منع نامو حاصل ڪري وٺندا آهن، جڏهن مافياز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته ڌمڪايو ويندو آهي، مون کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، مون وٽ وصول ٿيندڙ ڌمڪين جا وائس نوٽيس موجود آهن، جن جو واسطو مختلف مافياز سان آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube