January 18, 2022

پرويز خٽڪ جي ڀاءَ ۽ ڀائٽي تحريڪ انصاف ڇڏي ڏني

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جي ڀاءَ لياقت خان خٽڪ ۽ سندس پٽ احد خان خٽڪ تحريڪ انصاف کي الوداع چئي ڇڏيو.

لياقت خان خٽڪ ۽ سندس پٽ احد خان خٽڪ پنهنجي اباڻي ڳوٺ مانڪي شريف ۾ اهم اجلاس دوران پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.

ذريعن موجب لياقت خان جلد پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪندو.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پرويز خٽڪ جي ڀائٽي احد خان ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان ملاقات به ڪئي هئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube