پلاند اڃا رهيل آهي: پاڪستاني شوقين نيوزيلينڊ تي ڏمريل
1 min read
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي خدشن جو جواز ڄاڻائي پاڪستان جو دورو رد ڪندڙ نيوزيلينڊ جي ٽيم تي پاڪستاني شوقين ڏمريل آهن ۽ انهن سوشل ميڊيا تي ميمز جون طوفان آڻي ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ اڄ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون آهن، اهو ئي سبب آهي جو ٽوئيٽر تي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جو هيش ٽيگ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو آهي.
واهپيدارن جو وڏو انگ نيوزلينڊ جي ”بي وفاقي“ تي دلچسپ ميمز ٺاهي رهيو آهي، جن کي فيس بُڪ ۽ انسٽاگرام تي پڻ شيئر ڪيو پيو وڃي.
هڪ ٽوئيٽر واهپيدار لکيو ته ”رڳو انتظار ڪيو ۽ ڏسو، اسان ته تبديل ٿيا آهيون، پلاند اڃا رهيل آهي“.
#pakvsnz
Wait and watch pic.twitter.com/PrlHerVIjl— Sheharyar Bhatti🇵🇰 (@shahryarbhatti7) October 26, 2021
هڪ ميم ۾ ڪپتان بابر اعظم، محمد حفيظ ۽ شاهين آفريدي کي فوج جي لباس ۾ ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ لکيل آهي ته ”اسان توهان کي سرپرائز ڏينداسين“.
We will in sha Allah #NewZealand#PakistanCricket#PakvsNz pic.twitter.com/uv9uL6x1xF
— Anni khan🍁🖤 (@bathanger_khan) October 25, 2021
هڪ واهپيدار بابر اعظم ۽ ڪيوي ڪپتان جي تصوير شيئر ڪئي، جنهن تي لکيل آهي ته ”خطرو آهي پر سيڪيورٽي جو نه“.
What a line…. Hahhahahhaa what an advertisement @ParkViewPk 😂😂👌👌👌👌👌👌🇵🇰🇵🇰🇵🇰🇵🇰🇵🇰
Pakistan Zindabaad#T20WorldCup #PakvsNz #PakistanZindabad #Pakistan #PakistanCricket #PakvsNz #NZvsPAK #BleedGreen pic.twitter.com/9yvMMgrESV
— Qadir Khawaja (@iamqadirkhawaja) October 25, 2021