January 18, 2022

ڪراچي: ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو پنهنجي مرضيءَ سان ٺهرائڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو پنهنجي مرضيءَ سان ناڪاري ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڪراچي ۾ شهرين ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو پنهنجي مرضيءَ سان ناڪاري ڪرائيندڙ ٽن ڄڻن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ٻاهرين ملڪ ويندڙ شهرين طرفان بنا ٽيسٽ جي نتيجو ناڪاري ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ان ڪم ۾ ملوث 3 جوابدار پڪڙيا ويا آهن.

ذريعن موجب جن ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان مان هڪ ليب ٽيسٽنگ ڪمپني جو موجوده ملازم ۽ ٻه ٻيا ٽيسٽنگ ليب جا اڳوڻا ملازم آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته ان ڪم ۾ ملوث وڌيڪ ٻه جوابدار فرار آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube