August 9, 2022

ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي، حڪمران گهر ويندا: پيپلزپارٽي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي تحت ملڪ ۾ جاري بدترين مهانگائي خلاف ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر رضا رباني، تاج حيدر ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته هاڻوڪي حڪومت معشت سنڀالڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي حڪمرانن کي گهر موڪليو ويندو.

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو جي هدايتن تي سڄي سنڌ ۾ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيا ويا، ڪراچي ۾ به مختلف جاين تي احتجاج ڪيو ويو، ريگل چوڪ تي ٿيندڙ احتجاج ۾ ڪارڪنن وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

سهراب ڳوٺ الآصف اسڪوائر تي مظاهري کي خطاب ڪندي سليم مانڊويوالا ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت اڃا به جي وڌيڪ رهي ته عوام جو جيئڻ مشڪل آهي.

بنارس چوڪ تي ٿيندڙ مظاهري کي خطاب ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم پنهنجو ڪو به واعدو پورو نه ڪري سگهيو، هن رڳو يوٽرن ورتا آهن.

ملير پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاج ڪندڙن کي سيد قائم علي شاهه، لياقت آباد ۾ صوبائي وزير شهلا رضا ۽ ضلعي ڪورنگي ۾ تاج حيدر خطاب ڪيو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته عوام هاڻوڪي حڪمرانن کان تنگ ٿي چڪو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube