August 9, 2022

بابر اعظم افغانستان خلاف ميچ ۾ ڪوهلي کان هڪ ٻيو اعزاز کسي ورتو

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهڻ وارو ڪپتان بڻجي ويو.

بابر اعظم اهو ڪارنامو آءِ سي سي جي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان خلاف ميچ ۾ انجام ڏنو.

پاڪستاني ڪپتان 26 ميچن ۾ اهڙو ڪارنامو انجام ڏيندي ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.

ويرات ڪوهلي ڪپتان طور هڪ هزار ٽي 20 انٽرنيشنل رنسون 30 اننگز ۾ مڪمل ڪيون هيون.

Follow by Email
YouTube
YouTube