January 18, 2022

بدلو وٺڻ ۾ وقت ذيان ناهيون ڪندا،پيپلزپارٽي خوشحالي آڻيندي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان ڪنهن کان به بدلو وٺڻ ۾ وقت ناهيون وڃائيندو.

اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي جنگ کان تباهه ملڪ جي نئين تعمير ڪري سگهي ٿي ته مهانگائي تي به ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي.

هن چيو ته اسان جي دور ۾ 2 خطرناڪ ترين ٻوڏون آيون نه کاڌي خوراڪ ۾ گهٽتائي ٿي نه ئي مهانگائي ٿي.

آصف علي زرداري چيو ته هاڻي ملڪ جو هر شهري بيروزگاري ۽ مهانگائي جو شڪار آهي، حقيقت اها آهي ته اسان ڪنهن کان به بدلو وٺڻ ۾ وقت زيان ناهيون ڪندا.

سندس چوڻ هو ته بلاول ڀُٽو زرداري ميدان ۾ اچي چڪو آهي، فتح عوام جي ٿيندي، پيپلزپارٽي مهانگائي به ختم ڪندي ۽ خوشحالي به آڻيندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube