August 9, 2022

راشد خان وڪيٽن جي تيز ترين سينچري مڪمل ڪري ورتي

افغان ٽيم جي اسپنر راشد خان  ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 100 وڪيٽن جو رڪارڊ بڻائي ورتو.

افغانستان جي 23 سالن جي اسپنر پاڪستان جي خلاف کيڏندي اهو اعزاز ماڻيو، ان جو 100 نمبر وارو شڪار گرين شرٽس جو تجربيڪار بيٽسمين محمد حفيظ بڻيو.

راشد خان 2015 کان مختصر ترين وقت ۾ ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، انکان اڳ اهو اعزاز سريلنڪا جي ملنگا وٽ هو، جنهن 76 ميچن ۾ 100 وڪيٽون ورتيون هيون

افغانستان جي اسپنر 20 ڪرڪيٽ ۾ 100 وڪيٽون وٺندڙ چوٿون رانديگر بڻجي ويو، انکان اڳ اهن فهرست ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن، نيوزي لينڊ جي ٽم سائوٿي ۽ سري لنڪا جي لاسٿ ملنگا شامل هئا.

Follow by Email
YouTube
YouTube