January 20, 2022

عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جي وڏ وزارت جو حلف کڻي ورتو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جي نئين وڏي وزير جي عهدي جو حلف کنيو، بلوچستان گورنر سيد ظهور آغا وڏي وزير قدوس بزنجو کان حلف ورتو.

ترجمان گورنر هائوس جي موجب وڏي بلوچستان وزير حلف برداري جي سادي پر وقار تقريب گورنر هائوس ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ عبدالقدوس بزنجو وڏي وزير عهدي جو حلف کنيو.

بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا وڏي وزير قدوس بزنجو کان حلف ورتو، حلف برداري جي تقريب ۾ اسيمبلي ميمبرن، سياسي پارٽين جي اڳواڻ، سول ۽ ملٽري اختيارين شرڪت ڪئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube