August 9, 2022

مسجد جو معزن آزان ڏيندي ڌڻي سان وڃي مليو

ڪائرا(ويب ڊيسڪ)مسلمانن کي نماز جي لاءِ مسجد ڏانهن گهرائيندي معزن حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.

عرب ميڊيا رپورٽن موجب مصر جي علائقي منوفيا ۾ باجور سينٽر جي علائقائي مسجد ۾ فجر جي آزان ڏيندي دل جو دورو پوڻ سبب حاجي حسني جو روح نڪري ويو.

آزادن ڏيندي فوت ٿيل حاجي حسين جي پُٽ محمد حسني چيو ته ان جو والد رضاڪاراڻي طور تي گهر جي ويجهو واري مسجد ۾ باقائدگي سان آزاد ڏيندو هو، هو پاڻ به نماز جي لاءِ مسجد ويندو هو ۽ اسان کي به چوندو هو.

پُٽ وڌيڪ ٻڌايو ته جنهن ڏينهن پيءُ فوت ٿيو ان ڏينهن هو فجر جي نماز جي لاءِ آزان ڏيڻ ويو هو جنهن وقت هن آزان ڏيڻ شروع ڪئي ته مان نماز جي لاءِ وضو ڪري رهيو هئس پر جڏهن آزان جو آواز اڌ ۾ رهجي ويو ته مان مسجد ڏانهن ڀڳس.

جيئن مان مسجد ۾ پهتس ته ڏٺو والد صاحب فرش تي ڪريل پيو هو مون جلدي ڊاڪٽر کي گهرايو جنهن ان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube