January 20, 2022

مولانا مريم نواز صاحب زندا آباد، ڪير به ٽهڪ روڪي نه سگهيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ نون جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تي هڪ وڊيو ٽوئيٽ ڪرائي آهي.

وڊيو هڪ سياسي ريلي جي آهي جنهن ۾ ٽرڪ تي ٺهيل اسٽيج تي هڪ سياسي پارٽي جو ڪارڪن اڳواڻن جي حق ۾ نعرا هڻائي رهيو آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اهو ڪارڪن نعرا لڳرائيندي چئي ٿو ته ”مولانا فضل الرحمان صاحب“ جنهن جي جواب ۾ اسٽيج کان هيٺ موجود ڪارڪن زنده آباد جو جواب ڏين ٿا.

جڏهن ته ٻيو ڀيرو هو ساڳيو ئي نعرا هڻي ٿو جنهن جي جواب ۾ به ماڻهو زنده آباد جو جواب ڏين ٿا پر ان ئي لمحي ۾ غور ڪيو ٿو وڃي ته هن ”مولانا مريم نواز صاحب“ جو نعرا هڻايو، جنهن کانپوءِ موجود ماڻهو ٽهڪ ڏئي کلڻ شروع ڪن ٿا.

Follow by Email
YouTube
YouTube