August 9, 2022

پيءُ جي لاش اڳيان پوز هَڻي فوٽو ڪڍرائيندڙ عورت

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر ميامي سان تعلق رکندڙ سوشل ميڊيا انفلوئنسر پنهنجي والد جي ميت جي سامهون فوٽو شوٽ ڪرايو جنهن جي ڪري واهپيدارن طرفان مٿس سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

20 سالن جي جين ريويرا نالي سوشل ميڊيا انفلوئنسر پنهنجي پيءُ جي ميت جي سامهون بيهي مختلف پوزن ۾ 8 تصويرون ڪڍرايون ۽ پنهنجي انسٽاگرام تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيون.

عورت تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته پاپا توهان منهنجا بيسٽ فرينڊ هيئو، جڏهن ته توهان بهترين زندگي گذاري.

انسٽاگرام تي پيءُ جي ميت اڳيان پوز هڻي فوٽو ڪڍرائي اپلوٽ ڪرڻ تي واهپيدارن طرفان مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي جنهن تي جين ريويرا پنهنجو انسٽاگرام اڪائونٽ ڊي ايڪٽيويٽ ڪري ڇڏيو.

Follow by Email
YouTube
YouTube