August 13, 2022

ڪترينا ڪيف کي شادي جي خبر ئي نه، افواهن تي حيران

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ڪترينا ڪيف شوبز ويب سائيٽ ”بوليووڊ لائف“ تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته مان 2021 ۾ شادي نٿي ڪيان، مونکي ڪا به خبر ناهي منهنجي شادي جون خبرون ڪنهن ۽ ڇو ڦهلايون آهن.

ڪترينا ڪيف اهڙن افواهن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مان گذريل 15 سالن کان اهو ئي سوال ڪري رهي آهيان ته منهنجي شادي جون ڪوڙيون خبرون ڪير ٿو ڦهلائي؟

هن اهو واضح ڪيو ته مان ڊسمبر ۾ شادي نه ڪري رهي آهيان ۽ ميڊيا تي آيل خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي.

اداڪارا اهڙي خبرن تي حيراني جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ميڊيا کي ڪنهن چيو آهي ته مان شادي ڪري رهي آهيان؟ منهنجي شادي جي حوالي سان جيڪي به خبرون ڦهلايون ويون آهن اهي ڪوڙيون آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube