August 13, 2022

آمريڪا جون ايراني ڪمپنين ۽ شخصيتن تي پابنديون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ناڻي کاتي ايران جي ٻن ڪمپنين ۽ چئن شهرين تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون.

انهن سڀني جي شڪ آهي ته اهي ايران جي ڊرون پروگرام جو حصو آهن ۽ هنن پاسداران انقلاب جي مدد ڪئي، جنهن کي آمريڪا ٻن سالن لاءِ ”دهشتگرد“ تنظيم قرار ڏنو آهي.

واشنگٽن حڪومت جو الزام آهي ته ڄاڻايل ماڻهن ۽ ڪمپنين لبناني شيعا عسڪري تنظيم حزب الله ۽ يمن ۾ حوثي باغين کي ڊرون فراهم ڪيا.

متاثر ماڻهو ۽ ڪمپنيون آمريڪا سان ڪو ڪاروبار نه ڪري سگهندا ۽ آمريڪا ۾ انهن جا سڀ اثاثا منجمد ڪيا ويندا.

آمريڪا طرفان اهو قدم اهڙي موقعي تي کنيو ويو آهي، جڏهن روم ۾ ”جي ٽوئنٽي“ اجلاس جي موقعي تي ايراني جوهي ڊيل تي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube