August 9, 2022

اسڪول جي پرنسپال شاگرد کي سزا ڏيڻ لاءِ کيس عمارت تان ابتو ٽنگي ڇڏيو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي علائقي مرزاپور ۾ اسڪول جي پرنسپال شاگردن کي سزا ڏيڻ لاءِ کيس پهرين ماڙ تان هيٺ ابتو ٽنگي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب مرزاپور جي هڪ نجي اسڪول ۾ پيش آيل واقعي جي ويڊيو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.

رپورٽ موجب اسڪول جي پرنسپال بنا پڇا جي ٻي جماعت جي شاگرد سان گڏ گول گپا کائڻ لاءِ وڃڻ ۽ ساٿي شاگرد سان جهيڙو ڪرڻ تي سزا ڏيڻ لاءِ خوفناڪ طريقو استعمال ڪيو.

هن 5 ورهين جي ٻار کي پهرين ماڙ تي وٺي وڃي پيرن کان جهلي ابتو ٽنگي ڇڏيو ۽ کيس ڌمڪائيندو رهيو، ٻار روئيندو رهيو ۽ اهو منظر ڏسي اتي موجود ٻيا ٻار به روئڻ لڳا.

ٻارڙي طرفان معافي گهرڻ ۽ اڳتي شرارت نه ڪرڻ جي واعدي تي پرنسپال ٻار کي واپس مٿي کنيو.

اهڙي ويڊيو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ٻار جي پيءَ جي فرياد تي پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب گرفتاري کان اڳ پرنسپال پنهنجي غلطي مڃڻ کان انڪار ڪندو رهيو ۽ چيائين ته ٻار جي پيءَ کيس چيو هو ته پٽ شرارتي آهي، تنهن ڪري ان کي ٺيڪ ڪر، هو ٻين ٻارن کي چَڪ به پائيندو آهي ۽ گهڻو شرارتي آهي، تنهن ڪري کيس ڊيڄارڻ لاءِ ائين ڪيو.

Follow by Email
YouTube
YouTube