انگلينڊ آسٽريليا کي چِٿي ڇڏيو، گروپ 1 ۾ ٽاپ پوزيشن
1 min read
دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ 1 جي اهم ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪينگروز طرفان مليل 126 رنسن جو هدف انگلينڊ 11.4 اوورن ۾ رڳو ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
فاتح ٽيم طرفان جوز بٽلر 71 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو، جيسن راءِ 22، جوني بيئراسٽو 16 ۽ ڊيوڊ ملان 8 رنسون ٺاهيون.
𝗔𝗕𝗦𝗢𝗟𝗨𝗧𝗘𝗟𝗬 𝗗𝗢𝗠𝗜𝗡𝗔𝗡𝗧!
England crush Australia in Dubai! #AUSvENG | #T20WorldCup
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) October 30, 2021
ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي آسٽريلوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 125 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
ڪپتان ايرون فنچ 44 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، ايشٽن ايگر 20، ميٿيو ويڊ 18، اسٽارڪ 13، ڪمنز 12، ميڪسويل 6، وارنر ۽ سمٿ 1-1 رنس ٺاهي سگهيا.
انگلينڊ طرفان ڪرس جارڊن 3، ووڪس ۽ ملز 2-2، جڏهن ته عادل رشيد ۽ ليام ليونگٽن 1-1 وڪيٽ ورتي.