August 13, 2022

ايف آءِ اي هڪ سال کان جاچ پئي ڪري، هاڻ مهيني ۾ ڪهڙي رپورٽ ٺاهيندي؟ شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي بئنڪنگ ڪورٽ ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نيب پراسيڪيوٽر کي ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ عبوري چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان پڇيو ته جاچ ڪٿي پهتي؟ جنهن تي هن وراڻيو ته رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا آهيون، رپورٽ جلد جمع ڪرائينداسين.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ عبوري چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف روسٽرم تي اچي چيو ته ايف آءِ اي هڪ سال کان جاچ ڪري رهي آهي، جيل ۾ به جاچ ڪئي وئي، هاڻ هڪ مهيني ۾ ڪهڙي رپورٽ ٺاهيندا؟

عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانتن ۾ 20 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، جيڪو نيب ٺاهيو، اهو ئي ايف آءِ اي ٺاهي ڇڏيو آهي، حڪمران اڄ تائين سياسي انتقامي ڪارروائين کانسواءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا.

Follow by Email
YouTube
YouTube