August 9, 2022

تحريڪ انصاف مڃي ته اها چونڊ وڙهڻ جي لائق ناهي: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اين اي 133 جي ضمني چونڊ ڪنهن به صورت ۾ ملتوي نه ٿيڻ گهرجي، تحريڪ انصاف مڃي ته اها چونڊ وڙهڻ جي لائق ناهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعد رفيق چيو ته پنجاب حڪومت اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ته احتجاج سبب اسان چونڊون نٿا ڪرائي سگهون، مان صوبائي حڪومت کان پڇان ٿو ته توهان چونڊن کان فرار ٿيڻ چاهيو ٿا يا ٻيو ڪجهه چاهيو ٿا؟

هن چيو ته هن وقت اهڙي صورتحال ناهي جو چونڊ ملتوي ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ وارا مڃين ته اهي چونڊ وڙهڻ جي لائق ناهن، اين اي 133 جي اها سيٽ پرويز ملڪ جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي، اسان مرحوم جي گهرواري کي ٽڪيٽ ڏني آهي.

سندس چوڻ هو ته تڪ ۾ پي ٽي آءِ جي شڪست اڳ ئي واضح هئي، اهي چونڊن کان فرار ٿيڻ جو بهانو ڳولي رهيا آهن، چونڊ کي ملتوي نه ڪرڻ گهرجي، پڇڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ڪورونا وائرس جي حالتن ۾ چونڊون ٿي سگهن ٿيون ته هاڻ ڇو نه؟

Follow by Email
YouTube
YouTube