قومي ٽيم جي مسلسل ڪاميابين تي شوبز شخصيتون پريشان!
1 min read
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي مسلسل ڪاميابين جتي شوبز شخصيتن کي خوش ڪري ڇڏيو آهي، اتي ئي وري کين قومي ٽيم کي نظر لڳڻ جي ڳڻتي به ورائي وئي آهي.
پاڪستاني ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت، نيوزيلينڊ ۽ افغانستان کي شڪست ڏئي ڪاميابين جي هيٽ ٽرڪ ڪري ورتي آهي، جنهن تي نه رڳو پاڪستاني عوام پر شوبز شخصيتون به خوش نظر اچي رهيون آهن.
گلوڪارا مومنا مستحسن ٽوئيٽر تي چيو ته قومي ٽيم شاندار راند ۽ نظم ضبط جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جنهن سان انهن جون تعريفون ٿيڻ لڳيون آهن.
Brilliant game of cricket! Very well played by both teams!@ACBofficials kudos to you, and @TheRealPCB – CONGRATULATIONS! Perhaps not too soon to point out the discipline and consistency that our team is displaying 👏🏻
— Momina Mustehsan (@MominaMustehsan) October 29, 2021
اداڪارا اشنا شاهه رانديگرن جي تعريف ڪندي لکيو ته ورلڊ ڪپ جي ٽرافي گهر آڻڻ سان عالمي برانڊ ۽ ادارا قومي ٽيم کي تسليم ڪندا.
Boys in green better get some high level international brand endorsements after they bring home the cup.
— Ushna Shah (@ushnashah) October 29, 2021
سينيئر اداڪار همايون سعيد به ٽيم جي تعريف ڪئي ۽ خاص طور تي آصف علي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته قومي ٽيم جا فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان واضح ٿي ويا آهن.
Another great match, another big win masha Allah. Asif Ali, what a confident player!! To choose to play that over and deliver with aplomb – Well done @AasifAli2018! Good innings by @babarazam258 too. Our chances of reaching the final looking bright insha Allah. Keep it up boys! pic.twitter.com/xS3wunIhnk
— Humayun Saeed (@iamhumayunsaeed) October 29, 2021
اداڪارا ڪبريٰ خان کي ته پاڪستاني ٽيم جي مسلسل ڪاميابين کانپوءِ گرين شرٽس کي نظر لڳڻ جي ڳڻتي ورائي وئي ۽ هن خواهش ظاهر ڪئي ته مان قومي ٽيم جي نظر لاهڻ جي خواهشمند آهيان.
Mera to dil chah raha hai main khud team ki Nazar utar loon! #KahinNazarNaLagJaye #MashallahMashallah ! #T20WorldCup
— Kubra Khan Official (@KubraMKhan) October 29, 2021
ٽوئيٽر تي ڪبريٰ لکيو دل ته چئي ٿي پاڻ ئي پنهنجي ٽيم جي نظر لاهيان، هڪ کانپوءِ هڪ فتح سان ڪٿي اسان جي ٽيم کي ڪنهن جي نظر نه لڳي وڃي.