January 20, 2022

نيشنل بئنڪ جون واهپيدارن لاءِ خدمتون معطل، بحاليءَ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل بئنڪ آف پاڪستان چيو آهي ته 29 آڪٽوبر جي رات ۽ 30 آڪٽوبر جي صبح جي وچ ۾ نيشنل بئنڪ جي سرور تي سائبر حملو ڪيو ويو.

نيشنل بئنڪ موجب سائبر حملي سان بئنڪ خدمتن جو سلسلو جزوي طور متاثر ٿيو، متاثر سسٽم کي وقت سر ڌار ڪيو ويو، بئنڪ ڪنهن به قسم جي ڊيٽا يا مالياتي نقصان کي منهن نه ڏنو.

نيشنل بئنڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته سائبر حملي جي تدارڪ ۽ سسٽم جي مڪمل درستگي لاءِ موجود وسيلا ۽ ملڪي توڙي پرڏيهي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن.

ترجمان موجب في الحال واهپيدارن جي خدمتن جي فراهمي معطل آهي، سومر جي صبح کان بنيادي بئنڪنگ خدمتن جي بحالي جي اميد آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube