January 20, 2022

وزيراعظم ۽ عالمن جي گڏجاڻي مان ڪڍڻ جي خبرن تي فواد چوڌري جو ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عالمن جي اعتراض جي خبرن ۾ ڪا حقيقت ناهي.

ڪالعدم تنظيم جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان ۽ عالمن وچ ۾ ملاقات ٿي، ذريعن موجب عالمن جي وفد سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ مذهبي هم آهنگي بابت خاص نمائندي طاهر اشرفي جي موجودگي ۾ وزيراعظم سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم ٻنهي کي ڳالهين ۾ شريڪ نه ٿيڻ جي هدايت ڪئي.

ان حوالي سان فواد چوڌري چيو آهي ته عالمن جي اعتراض جي خبرن ۾ صداقت ناهي، مان پاڻ اهڙن اجلاسن ۾ ويهڻ پسند ناهيان ڪندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube