January 18, 2022

پاڪستان هٿان افغانستان کي شڪست تي اهم طالبان اڳواڻ جو ردعمل

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان طرفان مسلسل ٽي ڪاميابيون ماڻڻ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ گرين شرٽس جي تعريف ڪئي پئي وڃي.

پاڪستان ميگا ايونٽ ۾ هيل تائين ڀارت، نيوزيلينڊ ۽ افغانستان کي شڪست ڏئي چڪو آهي ۽ پنهنجي گروپ ۾ ٽاپ پوزيشن تي آهي، جڏهن ته قومي ٽيم جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان به واضح ٿي ويا آهن.

گذريل ڏينهن پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ افغانستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني، جنهن تي طالبان جي اهم اڳواڻ انس حقاني شاعراڻي انداز ۾ ردعمل جو اظهار ڪيو.

هن ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ افغانستان جو هيش ٽيگ استعمال ڪندي لکيو ته ”گرتي هين شهسوار هي ميدان جنگ ۾، وه طفل ڪيا گري گا جو گهٽنون ڪي بل چلي“.

Follow by Email
YouTube
YouTube