January 20, 2022

ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ماڻهن کي هڪ نوڪري به ناهي ملي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪرپٽ سنڌ حڪومت عمران خان جي نااهل حڪومت پويان لِڪي رهي آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پ پ عمران خان جي حڪومت پويان لڪي سياسي غازي بڻجڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت کي وڃڻو آهي ته پ پ جي حڪومت کي به وڃڻو آهي، سنڌ وارن کي گو نيازي گو سان گڏ گو زرداري گو به گهرجي.

هن چيو ته پ پ جي حڪومت کي وفاق کان هيل تائين 10 هزار 242 ارب رپيا مليا آهن، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ماڻهن کي هڪ نوڪري به ناهي ڏني وئي، حڪومت رڪشا ڊرائيور هئي، ان کي ايف 16 بڻايو ويو آهي، هر وزير جو الڳ الڳ بيان آهي، پ پ جي حڪومت ڪرپٽ حڪومتن جي سربراهه آهي.

سندس چوڻ هو ته انهن ماڻهن جو غرور ۽ تڪبر ختم نه ٿيندو، ائين ٿو لڳي ڄڻ پاڪستاني عوام انهن جي جاگير آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube